Hardcover Á Kaiey Kitaab ePUB ß


Kaiey Kitaab [PDF / EPUB] Kaiey Kitaab ڪيتري عرصي کان وٺي اهو خيال هو ته پنهنجي زندگيءَ جون يادداشتون، تجربا ۽ مشاهدا قلمبند ڪري ڪتابت، طباعت ۽ اشاعت ڪيتري عرصي کان وٺي اهو خيال هو ته پنهنجي زندگيءَ جون يادداشتون، تجربا ۽ مشاهدا قلمبند ڪري ڪتابت، طباعت ۽ اشاعت ۾ آڻيان، جيئن اهي يادداشتن جا ذخيرا پڙهندڙن جي عام و خاص ماڻهن تائين پهچي خلوص ۽ صداقت جو مثال قائم ڪن اهو خيال هن وقت تائين، انهيءَ ڪري عمل ۾ اچي نه سگهيو، جو دولت جي فراواني، حسن پرستي، شرابن طهورا ۽ ثقافتي رنگ جي مجلسن ۽ محفلن مجذوب بنائي پاڻ ۾ مدغم ڪري ڇڏيو هو فيصلو ڪيم ته زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ ويهي اهي تجربات ۽ پنهنجي زندگيءَ جا واقعات ۽ مشاهدات قلمبند ڪندس، پر جيئن ته ڪوبه ماڻهو پنهنجي آخري ڏينهن کي ڏسي نٿو سگهي ۽ نه ئي هن دنيا جي رنگينين مان وڃڻ چاهي ٿو، اهڙيءَ طرح سان آءٌ به زندهه رهڻ جي آسرن ۽ اميدن تي هيترو وقت وڃائي ويٺس، نه ته ”ڪيئي ڪتاب“ لکجي، نشر ٿي، اشاعت ۾ اچي چڪن هااڄ جڏهن ته دل جي بيماري ڪيئي حملا ڪري ڊيڄاري وڌو آهي، تنهن ڪري طبيعت تي جبر ڪندي هيءُ ڪتاب ”ڪيئي ڪتاب“ جي نالي سان لکي رهيو آهيان، جنهن ۾ سائين غلام مرتضيٰ شاهه سيد سنائيءَ جي اڻٿڪ محنت، حوصلي ڪيترائي ڪتاب لکي مون کي خود اعتماديءَ جو سبق ڏيئي همت وڌائي سندن صحبت ۾ رهڻ ڪري پنهنجي من ماني طبيعت هئڻ جي باوجود ڪيئي سبق پرايم، جن ۾ هڪڙو اهو به آهي ته قلم کي هٿ ۾ کڻان، ڇو ته پاڻ پيري ۽ ضعيف العمري هجڻ جي باوجود به ڪيترائي ڪتاب لکي چڪا آهن ۽ لکي رهيا آهن برادرم شيخ محمد سومار بديڻائيءَ جو به ٿورائتو آهيان، جنهن منهنجي حوصله افزئي ڪندي ڪتاب کي پريس مان ڇپرائي، پروف ڏسڻ ۽ شايع ڪرائڻ جي ذميداري پنهنجي سر قبول ڪئي آهي مون هن کان اڳ ڪيترن ئي دوستن، اديبن، صحافين ۽ قلمڪارن سان صلاح و مشورا ڪيا، جن پنهنجين مصروفيتن جي باعث انهيءَ وڏيءَ ذميداريءَ قبول ڪرڻ کان اڻ سڌيءَ طرح سان مجبوري ڏيکاري، پر برادرم شيخ محمد سومار پنهنجي حد کان وڌيڪ مصروفيتن هوندي به، نه فقط وڏي شوق، ذوق ۽ چاهت سان اهو بار کڻڻ قبول ڪيو، پر هن کي عشق آهي ته اهو ڪتاب جلد کان جلد شايع ٿئي جڏهن به ملاقات ٿيندي رهي ته ڪڏهن حوصله ۽ بهادريءَ سان، ته ڪڏهن حجت ۽ بيباڪي سان ته ڪڏهن وري ويچارگيءَ ۽ نماڻائي سان چوندو هو، ”بابا جلدي لکي وٺو ته ڪتاب شايع ڪرايون، نه ته به جيڪي ڪجهه لکيو اٿوَ ڏيو ته في الحال پريس ۾ ڏيون“ هڪڙي ڏينهن چيائين ته اڄ ڪنهن به حالت ۾ جيترو به لکيل آهي ضد ڪري کڻي وڃي پريس کي ڏيندس، هميشھ توهان من ماني ڪئي آهي، پر اڄ منهنجي من ماني قبول ڪندا انهيءَ وقت آءٌ خاموش رهيس، پوءِ جڏهن شيخ صاحب گرم دماغيءَ مان نڪري ڪجهه ٿڌو ٿيو ته کيس تسلي ڏيندي، اطمينان ڏياريم ته، ”جيترو به لکيل آهي، ٻئي ڪتاب تي اتارائي تنهنجي حوالي ڪبو“ محمد امين ولد مير حاجي”عالم خان“ نظاماڻي عرف ”امين ماتلويءَ جو ٿورائتو آهيان، جنهن خلوص، صداقت، محنت ۽ محبت سان هن ڪتاب لکڻ ۽ لکرائڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي ۽ انهيءَ سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن منهنجي شائستگيءَ، سنجيدگيءَ ۽ غنودگيءَ کي ٽوڙڻ لاءِ ظرافت ۾ اچي ڪي اهڙا جملا چيا ٿي، يا منهنجي اڳيان پيش ڪيا ٿي، جن ٿڪل دماغ کي خوشبو ڏيئي تازو ڪيو ٿي ممڪن آهي ته سنڌي ٻولي سان پيار ڪندڙ تعصبي نقاد نڪته چيني ڪن ته هن سنڌي ڪتاب ۾ صرف سنڌي جملا ۽ الفاظ هئڻ کپن ها، نه ڪي ٻين ٻولين جا اکر، آءٌ انهن کي پنهنجي وسيع القلبيءَ سان صلاح ڏيندس ته هو به پنهنجي وسيع القلبيءَ جو ثبوت ڏيندي، هر ٻوليءَ سان پيار ڪن اسان جي سنڌي وسيع ٻولي سمنڊ جيان آهي، جنهن ۾ نديون نالا، واهڙ، آبشار ۽ درياهه ضم ٿي وڃن ٿا، پر سمنڊ پنهنجي اصليت کي قائم رکندي، پنهنجو روپ انوپ ڪڏهن ڪونه بدلايو آهي پاڻ کي قائم ۽ دائم رکندي سڀني کي پنهنجي ڌڙڪندڙ سيني ۾ سمائي ڇڏي ٿو اهڙيءَ طرح اسان جي سنڌي ٻولي به هڪ اٿاهه سمنڊ آهي، جيڪا پنهنجي اصليت قائم رکي، سڀني ٻولين جي لفظن کي هضم ڪندي به پنهنجي اصليت ۽ خوبصورتي قائم رکي ٿي هن ڪتاب جي لکڻ وقت منظر نگاريءَ ۽ فطرت نگاريءَ سان گڏوگڏ صحيح ۽ سچا واقعات، تجربات ۽ مشاهدات پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم، جنهن ۾ گهڻو ڪري مون پاڻ کي به نه لڪايو آهي، پر تنهن هوندي به جيڪڏهن ڪنهن صاحبِ ڪردار کي ناگوار گذريو هجي ته انهيءَ لاءِ معذرت خواه آهيان، انهيءَ کانسواءِ هن ڪتاب لکڻ وقت ياد دهانيءَ لاءِ نه ڪي نوٽس ورتل آهن، نه ڊائري ۽ نه ئي ڪتابي مدد، تنهن ڪري تاريخن، مهينن ۽ سالن جي حوالن سان گڏ مضمونن جو رابطو ۽ تسلسل اڳيان پويان ۽ پويان اڳيان ٿيل هجي ته قارئين کان معافي جو خواهستگار ۽ طالبگار آهيان، ڇو ته آءٌ نه علامه آهيان، نه اسڪالر، نه ڪهاڻيڪار آهيان، نه ناول نگار، نه افسانه لکيا اٿم، نه ڊراما، نه مؤرخ آهيان، نه محقق، نه شاعر آهيان، نه اديب، پر تنهن هوندي به مٿين سڀني محڪمن سان سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح واسطا، لاڳاپا ۽ تعلقات رهيا آهن، جن ۾ عالم، اسڪالر، مؤرخ، محقق، شاعر ۽ اديب نه صرف زندگيءَ جي سفر ۾ ساٿي ۽ همرڪاب رهيا آهن، پر پنهنجي علم و ادب مان به مون کي فيضياب ڪندي ۽ منهنجي خداداد صلاحيتن مان مستحجاب ٿيندا رهيا آهن، پر جيڪڏهن مون کي وٽانئن ڪا، سخن فهمي عطا ٿي آهي ته، مون کان به پاڻ سخن وريءَ جا سبق پرايا اٿن، بهرحال انهيءَ ڳالهه کي سلجهائي ۽ سمجهائي نٿو سگهجي ته سخن ور پهرين آهي يا سخن فهمسخن ور گرچہ ہم نہیں لیکن،سخن فہمی پہ ہے اختیار اپنا۔بهرصورت مون کي پنهنجي عاشقانه و عارفانه جستجو، تگ و دو ۽ تحقيق تي فخر ۽ ناز آهي، جنهن ڪري دنيا جي آوارا گردين سان گڏ، سالڪن جي صحبت به ميسر ۽ نصيب ٿي اگر مون تاش جي پتن سان دل وندرائي آهي ته علمي و ادبي ڪتابن سان به لئون لڳائي آهي حسن جي تلاش ۾، حسينن سان معاهدا ۽ فيصلا ڪندو، مجاز تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم، ته انهي ۾ حقيقت جي جستجو به معرفت جي مڪانن تائين پهچڻ لاءِ ئي هئي، پوءِ ڪيئي مڪان حاصل ٿيا ۽ وري لامڪان ٿي ويا، ڪيترن ڪنارن کي ڪنارو سمجهي پهتس ۽ وري بي ڪنار ٿي ويس، دنياوي سمنڊ جي ويرن، لهرن ۽ ڇولين، منجهدار مان ڌڪي تاري ساحل تائين پهچايو ٿي ته ٻي وڏي وير آئي ٿي، جنهن وري وڃي منجهدار ۾ موٽايو ٿي اهڙيءَ طرح لڙهندي لڙهندي هن منزل تي پهتو آهيان خدا ہے ناخدا، تدبیر پتوار،لنگر موت، قسمت بادباں ہے۔نہیں معلوم کس ساحل کی جانب،روانہ کشتی، عُمرِ رواں ہے۔تنهن کانسواءِ جيئن ته ڪيئي مائٽ مٽ، عزيز و اقارب، يار دلدار، ڪلاڪار ۽ فنڪار به مون کي هتي جي طوفانن، حادثن ۽ انقلابن ۾ اڪيلو ڇڏي، جز مان وڃي ڪل ٿيا ته آءٌ به انهن کي ياد ڪندي، شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح، جن جو هي شعر، خود کي تاثر ڏيڻ لاءِ پيش ڪندي ”پيش لفظ“ کي اڳتي هلائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو اُهي تُرها ڪُن نيا، جن ماريا ٿي مَڇَ، گهوڙا تن گهوٽن جا، رلن پيا رَڇَ، پاڻهين مرو مَڇَ، ويو مانُ مرڻ جو“گذشته اوراق ۾ عرض ڪري آيو آهيان ته آءٌ نه ليکڪ آهيان نه قلمڪار، تنهن ڪري پنهنجين يادداشتن وارن مضمونن ۾ ڪوشش ڪئي اٿم ته بريڪيٽ يا ڏنگيون گهٽ هجن، تنهن سان گڏ حاشين کان به گريز ڪندي تسلسل قائم رکيو اٿم، جنهن ۾ منهنجي مدد اسٽيج ۽ اسڪرين گهڻي تعداد ۾ ڪئي آهي اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي ته ڏنگيون ۽ حاشيا مضمونن ۾ جمود پيدا ڪن ٿا، جنهن ڪري پڙهندڙن جي رواني ختم ٿيو وڃي، تنهن سان گڏ عام پڙهڻ وارا به انهن کي ڪا اهميت نٿا ڏين، سواءِ ڪتابي ڪيڙن جي، جيڪي اڏوهي ۽ ديمڪ وانگر، سڄي ڪتاب کي چٽيو ڇڏين، تنهن ڪري ئي مون پنهنجين ياداشتن کي فلمي ٽيڪنيڪ ۾ آڻي، اکرن جي تندن کي تاڻي ڳنڍ ڳوپ ڪري مسلسل يا Continue ڪيو آهي، جنهن لاءِ ، آءٌ فلم انڊسٽريءَ جو ٿورائتو ۽ شڪرگذار آهيان، جنهن مون کي عشق ۾ آڻي، علم و فن خاطر تجسس ۽ جاکوڙ ڪرائي، روماني طبيعت ۽ رومانوي پيدائش هئڻ ڪري، مون پنهنجي زندگيءَ جي ابتدا حسن، فن ۽ عشق کي آئيڊيل بڻائي شروع ڪئي، حسن ۾ نور نظر آيو، فن ۾ ظهور ته عشق جي سرور مان وري رهنمائي حاصل ڪيم، جنهن شعور ڏيئي ڪيئي ارتقائي منزلون طئه ڪرايون، جنهن ڪري احساس پيدا ٿيو انهيءَ احساس ايوان عمل ۾ آڻي فيضياب ڪرڻ ۽ فيضياب ٿيڻ جا عادات اطوار پيدا ڪيا، جنهن ڪري ئي راڳ رنگ، ساز و آواز، شعر و شاعري ۽ علم و ادب جون محفلون قائم ٿيڻ لڳيون مطمع نظر اهو ئي هيو ته، ٻين جون طبيعتون ۽ دليون خوش ڪريان، جنهن ۾ منهنجي طبيعت جي شگفتگي ۽ خوشنودي به رهي آهي هونءَ ته هن ڪتاب ۾ احڪم الحاڪمين جو اهڙو ڪوبه شعبو يا Department نه رهيو آهي، جنهن جو ذڪر اذڪار تبصري يا تنقيد ۾ نه آيو هجي، تنهن سان گڏ سماج جي ظالمانه، عادلانه، عالمانه ۽ جاهلانه مواد جا به ڪافي ذخيرا ميڙا چونڊي گودام، ڍير ۽ ڍڳ ڪيا اٿم تڏهن به ڍاپي ڍؤ نه ڪندي، اڃ کي آڪرو ڏٺم پنهنجي طبيعت جي تشنگيءَ جو پورائو ته حسن، فن ۽ عشق جي آبشارن مان ئي ڪندو رهيو آهيان، جنهن کي پنهنجو آئيڊيل محسوس ڪندي، جستجوءِ ڪائنات ۾ نڪتس، اڃا به اها جستجو جاري آهي ۽ جاري ئي رهندي، جيستائين هن عارضي ۽ بناوٽي دنيا جو سفر پورو ڪري وڃي جز مان ڪل نه ٿجي ”جڏهن ڪُن فيڪون چئي، نيو آرياڻي ارواحُ، انگ اڳيئي لکيو، منهنجو ميثاقامن طلب شيءِ جد و جده، اُتو علي شاهُه، اڃا انهيءَ حديث جو، آسرو مون آهه، هاڻي سرتيون دعا ڪجاهِه، ته ميڙائو مون ٿئي“آخر ۾ هن پيش لفظ جي پڄاڻي ڪندي اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته، پنهنجين ياداشتن وارو لکيل هي ڪتاب مؤرخه فيبروري ع کان شروع ڪري، مؤرخه آگسٽ ع تي پورو ڪيم، حالانڪه اڃا به ڪيئي ياداشتون ذهن ۾ محفوظ ۽ دماغ ۾ ذخيرا آهن، جن کي ممڪن آهي ته اڳتي هلي اضافي مضمونن ۾ آشڪار ڪجي چڱو هاڻي خدا حافظ ۽ السلام وعلڪيمخلوص ڪيشڪريم بخش.

  • Hardcover
  • 816 pages
  • Kaiey Kitaab
  • Rais Karim Bux Khan Nizamani
  • Sindhi
  • 13 October 2016

12 thoughts on “Kaiey Kitaab

  1. says:

    nicegood

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *